تنبية الفقراءِ

تنبية الفقراءِ

تنبية الفقراءِ

تنبية الفقراءِ (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب سورهيه بادشاهه سيد صبغت الله شاهه ثاني ’ڇهين پير پاڳاري‘ جي رتناگري جيل ۾ لکيل ڊائري تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ پير پاڳاري خاندان جو شجرو ڏنل آهي، ان بعد پير صاحب مريدن ۽ خليفن لاءِ اسلامي نقطه نگاهه کان هدايتون، ايمان ۽ تقويٰ، عمل ۾ اخلاص، قرآن جي علم، ڏک سک، عالمن جي عزت، عورتن جي حقن، ڪتابن جي شوق، آزادي ۽ غلامي، گفتگو جي آدابن ۽ ٻين ڪيترن اهم مذهبي ۽ سماجي مسئلن تي معلومات ڏنل آهي. سنڌ جي ماڻهن جي خاصيتن سان گڏ شاهه لطيف جي بيتن، مثنوي ۽ قرآن مان حوالا ۽ خود پير راشد ’روضي ڌڻيءَ‘ جي شاعري هن ڪتاب ۾ شامل آهي ۽ آخر ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته جيل ۾ ڪتابن تي نوٽنگ ڪرڻ ۽ لکڻ کان روڪيو وڃي ٿو. باوجود ان جي هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل هدايتن تي عمل ڪرڻ سان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب جو اردو ترجمو حافظ محمد يوسف ڀنڀري سڪندريءَ ڪيو آهي ۽ جيڪو ’سڪندريه پبليڪيشن جامع راشديه حضرت پير سائين پاڳارو‘ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، ڊيمي سائيز جي 182 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 130 روپيا آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو